ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 18 لک ماڻهو بنا اجوري جي ڪم ڪن ٿا:وفاقي سرڪار


اسلام آباد (بيورو رپورٽ) محنت واري وفاقي وزارت ليبر سروي 08-2007ع ظاهر ڪندي چيو آهي ته ملڪ اندر 3 ڪروڙ 18 لک ماڻهو بنا اجوري جي ڪم ڪن ٿا، جن ۾ 87 لک 40 هزار عورتون آهن، خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ انگ اکر پيش ڪندي چيو ته 6 هزار ماهوار کان گهٽ آمدني وارا هڪ ڪروڙ 2 لک، 6 کان 9 هزار آمدني وارا 44 لک 40 هزار ورڪر ڪم ڪري رهيا آهن، زراعت جي شعبي ۾ 2 ڪروڙ 19 لک 20 هزار ورڪر ڪم ڪن ٿا، جن ۾ 75 لک 20 هزار عورتون آهن، وفاقي حڪومت جا 9 لک 50 هزار ملازم آهن، جن ۾ رڳو 60 هزار عورت ملازم ڪم ڪن ٿيون، ملڪ اندر بيروزگارن جي تعداد ۾ 06-2005ع جي ڀيٽ ۾ 08-2007ع دوران گهٽتائي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، بيروزگارن جو تعداد 31 لکن مان گهٽجي 26 لک 9 هزار تي پهچي ويو آهي، ٻئي نمبر وڏي آبادي واري صوبي سنڌ کان بيروزگارن جو تعداد سرحد صوبي ۾ وڌيڪ آهي.

0 comments

Post a Comment

Followers

Video Post