سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع جي نتيجن ۾ هيرا ڦيري جو انڪشاف، فيل اميدوار پاس ڄاڻايا ويا



حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ ۾ گزيٽيڊ آفيسرن جي مقرري لاءِ امتحان ڪرائيندڙ ساک واري اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سال 2003ع ۾ ٿيل امتحانن ۾ فيل اميدوارن کي پاس ڪرڻ لاءِ نتيجن ۾ هيرا ڦيري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي ڪميشن جي جوڙيل ٽه رڪني ڪاميٽي پنهنجي حتمي رپورٽ جوڙي چيئرمين حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته 2003ع ۾ ٿيل امتحانن کي رد ڪري انهن امتحانن جي پوري عمل کي جعلي ۽ غير قانوني تصور ڪيو وڃي. ان حوالي سان حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سال 2003ع جي امتحانن ۾ وڏي پيماني تي جعلسازي جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪامياب اميدوارن جي جاءِ تي ڪميشن جي عملدارن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ويجهن مائٽن کي فائنل رزلٽ ۾ ٽيمپرنگ ڪري ڪامياب قرار ڏنو ويو. ڄاڻ موجب 2003ع جي امتحانن ۾ گريڊ 16 ۽ 17 جي خالي جاين لاءِ مقابلي واري امتحان ۾ 2555 اميدوارن حصو ورتو، جنهن ۾ 531 اميدوارن لکت وارو امتحان پاس ڪيو، جنهن بعد ٿيل انٽرويوز ۾ 77 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، جنهن تي متاثر اميدوار سليم شيخ ڪميشن جي نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري بدعنوانين خلاف پٽيشن داخل ڪئي، جنهن تي عدالت سڳوري جي حڪم تي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڄاڻايل معاملي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪاميٽي ٺاهي، جنهن جو چيئرمين شاهه منصور عالم کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ميمبرن ۾ ابرار حسين مرزا ۽ نواز علي لغاري کي کنيو ويو، جنهن ڪاپين جي ٻيهر چيڪنگ ڪرڻ بعد تفصيلي رپورٽ تيار ڪري چيئرمين پبلڪ سروس ڪميشن حوالي ڪئي آهي. 77 اميدوارن ۾ ڪيترائي لکت واري امتحان ۾ فيل آهن پر انهن جي ڪاپين ۾ ٽيمپرنگ ڪري کين ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٻن اميدوارن آيان مصطفيٰ ڀٽو ۽ ڊاڪٽر نياز اي لغاري جون ڪاپيون ئي گم آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيمپرنگ ذريعي پاس ٿيل اميدوارن جي اڪثريت سرڪاري عهدن تي فائز اعليٰ عملدارن جي اولاد جي آهي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ پاس ٿيل 77 اميدوارن مان 47 اميدوارن بابت چيو ويو آهي ته اهي فيل هئا، جن کي پاس ڪيو ويو آهي ۽ 6 سالن کان هو سرڪاري عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن، ان ڪري رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته 2003ع جي امتحانن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ انهن امتحانن کي جعلي ۽ غير قانوني تصور ڪيو وڃي.

ڪميشن جي نتيجن ۾ هير ڦير لاءِ ذميوار ڪنٽرولر قرار

حيدرآباد: پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعن وٽان ”ڪاوش“ کي مليل ڄاڻ موجب 2003ع وارن امتحانن جي نتيجن ۾ ٽيمپرنگ ٿيڻ بابت جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ ڪميشن جي اعليٰ عملدارن سان گڏ ڪنٽرولر عمر زنئور کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي، ذريعن موجب ڄاڻايل ڪنٽرولر تي اهو الزام پڻ ثابت ٿيو آهي ته هن ڪميشن پاران اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور ۾ ٿيل ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني جي امتحانن ۾ پاس ٿيل 27 اميدوارن مان 12 فيل اميدوان کي پاس ظاهر ڪرايو، جنهن تي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جسٽس فيصل عرب کان جاچ ڪرائي جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ پڻ ڪنٽرولر کي ذميوار قرار ڏنو ۽ باقي ملوث ماڻهن جا نالا نه ڏيندي سفارش ڪئي ته 12 فيل اميدوارن جن کي پاس ڄاڻائي مقرري جي آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي رد ڪيا وڃن پر ان فيصلي خلاف متاثر اميدوارن اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس عبدالحميد ڏوگر وٽ پٽيشن داخل ڪرائي جنهن سندس مقرري کي جاري رکڻ جو فيصلو ڏنو، جڏهن ته ڄاڻايل ڪنٽرولر خلاف کاتي پاران اڃا تائين انڪوائري هلي رهي آهي، جنهن جي رپورٽ پڻ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي اماڻي وئي آهي.

0 comments

Post a Comment

Followers

Video Post