سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003ع جي نتيجن ۾ هيرا ڦيري جو انڪشاف، فيل اميدوار پاس ڄاڻايا ويا



حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ ۾ گزيٽيڊ آفيسرن جي مقرري لاءِ امتحان ڪرائيندڙ ساک واري اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سال 2003ع ۾ ٿيل امتحانن ۾ فيل اميدوارن کي پاس ڪرڻ لاءِ نتيجن ۾ هيرا ڦيري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي ڪميشن جي جوڙيل ٽه رڪني ڪاميٽي پنهنجي حتمي رپورٽ جوڙي چيئرمين حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته 2003ع ۾ ٿيل امتحانن کي رد ڪري انهن امتحانن جي پوري عمل کي جعلي ۽ غير قانوني تصور ڪيو وڃي. ان حوالي سان حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سال 2003ع جي امتحانن ۾ وڏي پيماني تي جعلسازي جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪامياب اميدوارن جي جاءِ تي ڪميشن جي عملدارن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ويجهن مائٽن کي فائنل رزلٽ ۾ ٽيمپرنگ ڪري ڪامياب قرار ڏنو ويو. ڄاڻ موجب 2003ع جي امتحانن ۾ گريڊ 16 ۽ 17 جي خالي جاين لاءِ مقابلي واري امتحان ۾ 2555 اميدوارن حصو ورتو، جنهن ۾ 531 اميدوارن لکت وارو امتحان پاس ڪيو، جنهن بعد ٿيل انٽرويوز ۾ 77 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، جنهن تي متاثر اميدوار سليم شيخ ڪميشن جي نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري بدعنوانين خلاف پٽيشن داخل ڪئي، جنهن تي عدالت سڳوري جي حڪم تي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڄاڻايل معاملي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪاميٽي ٺاهي، جنهن جو چيئرمين شاهه منصور عالم کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ميمبرن ۾ ابرار حسين مرزا ۽ نواز علي لغاري کي کنيو ويو، جنهن ڪاپين جي ٻيهر چيڪنگ ڪرڻ بعد تفصيلي رپورٽ تيار ڪري چيئرمين پبلڪ سروس ڪميشن حوالي ڪئي آهي. 77 اميدوارن ۾ ڪيترائي لکت واري امتحان ۾ فيل آهن پر انهن جي ڪاپين ۾ ٽيمپرنگ ڪري کين ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٻن اميدوارن آيان مصطفيٰ ڀٽو ۽ ڊاڪٽر نياز اي لغاري جون ڪاپيون ئي گم آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيمپرنگ ذريعي پاس ٿيل اميدوارن جي اڪثريت سرڪاري عهدن تي فائز اعليٰ عملدارن جي اولاد جي آهي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ پاس ٿيل 77 اميدوارن مان 47 اميدوارن بابت چيو ويو آهي ته اهي فيل هئا، جن کي پاس ڪيو ويو آهي ۽ 6 سالن کان هو سرڪاري عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن، ان ڪري رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته 2003ع جي امتحانن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ انهن امتحانن کي جعلي ۽ غير قانوني تصور ڪيو وڃي.

ڪميشن جي نتيجن ۾ هير ڦير لاءِ ذميوار ڪنٽرولر قرار

حيدرآباد: پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعن وٽان ”ڪاوش“ کي مليل ڄاڻ موجب 2003ع وارن امتحانن جي نتيجن ۾ ٽيمپرنگ ٿيڻ بابت جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ ڪميشن جي اعليٰ عملدارن سان گڏ ڪنٽرولر عمر زنئور کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي، ذريعن موجب ڄاڻايل ڪنٽرولر تي اهو الزام پڻ ثابت ٿيو آهي ته هن ڪميشن پاران اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور ۾ ٿيل ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني جي امتحانن ۾ پاس ٿيل 27 اميدوارن مان 12 فيل اميدوان کي پاس ظاهر ڪرايو، جنهن تي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جسٽس فيصل عرب کان جاچ ڪرائي جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ پڻ ڪنٽرولر کي ذميوار قرار ڏنو ۽ باقي ملوث ماڻهن جا نالا نه ڏيندي سفارش ڪئي ته 12 فيل اميدوارن جن کي پاس ڄاڻائي مقرري جي آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي رد ڪيا وڃن پر ان فيصلي خلاف متاثر اميدوارن اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس عبدالحميد ڏوگر وٽ پٽيشن داخل ڪرائي جنهن سندس مقرري کي جاري رکڻ جو فيصلو ڏنو، جڏهن ته ڄاڻايل ڪنٽرولر خلاف کاتي پاران اڃا تائين انڪوائري هلي رهي آهي، جنهن جي رپورٽ پڻ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي اماڻي وئي آهي.

وزيراعظم طرفان ايندڙ 3-مهينن لاءِ کنڊ جو اگهه 45 رپيا في ڪلو مقرر:نئون احتساب بل جلد اسيمبلي ۾ آڻڻ جو اعلان


 وزيراعظم سيد يوسف رضاگيلاني جي صدارت هيٺ ٿيل بين الصوبائي اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن بابت صنعتن واري وزارت جو فيصلو رد، پهرين رمضان کان ايندڙ 3 مهينن لاءِ سمورن ٽيڪسن سميت کنڊ جي في ڪلو گرام ايڪس مل قيمت 45 رپيا مقرر، کنڊ توڙي ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپرتي ڪا به پابندي نه هڻڻ جو فيصلو، ملڪ اندر کنڊ قيمتن جي حوالي سان مسلسل بحران ۽ هلندڙ هفتي صنعتن واري وزارت طرفان کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان پاسما آڏو گوڏا کوڙي کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪرڻ واري عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪالهه وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ سموري صورتحال تي غور ڪري شگر ملز کي سنڌ ۾ کنڊ في ڪلو گرام 48 ۽ پنجاب توڙي سرحد ۾ کنڊ 49.75 رپيا في ڪلو گرام وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي کي مڪمل طور تي رد ڪيو ويو، اجلاس ۾ايندڙ 3 مهينن لاءِ کنڊ تي جي ايس ٽي جي شرح 50 سيڪڙو گهٽائي 16 مان8 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪري پهرين رمضان کان 3 مهينن لاءِ سمورا ٽيڪس ملائي في ڪلو گرام کنڊ جي قيمت 45 رپيا مقرر ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ اندر کنڊ ۽ ڪڻڪ جي چرپر تي ڪا پابندي نه هوندي، اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويوته کنڊ جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ ڊگهي عرصي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ چئني صوبائي وڏن وزيرن جو اجلاس ايندڙ 15 ڏينهن ۾ سڏايو ويندو، اجلاس ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني صنعتن واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورن تي سبسڊي سان في ڪلو گرام کنڊ جي 35 رپين ۾ موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته صوبن جي مدد سان کنڊ قيمتن جي اثرائتي مانيٽرنگ ڪئي وڃي، اجلاس ۾ صنعتن واري وفاقي وزير ميان منظور وٽو 18 آگسٽ تي شگر ملز ايسوسيئيشن جي نمائندن سان ڪيل اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اجلاس ۾ کنڊ جي قيمت بابت ڪيل فيصلو ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي منظوري سان مشروط هو، واضح رهي ته 18 آگسٽ تي پاسما نمائندن سان اجلاس ۾ صنعتن واري وفاقي وزير ميان منظور وٽو ٽيڪسن کانسواءِ سنڌ ۾ کنڊ في ڪلو گرام 48 ۽ پنجاب توڙي سرحد ۾ 49.75 رپيا اگهه تي ملرز کي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، ڄاڻايل وزير جي اعلان سان سنڌ ۾ ٽيڪسن سميت کنڊ 56 رپيا ڪلو ۽ پنجاب توڙي سرحد ۾ 58 رپيا وڪرو ٿي رهي آهي پر وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر مداخلت ڪري شگر ملرز کي کنڊ وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اجلاس ۾ اهو فيصلو پڻ ڪيو ويو ته جيڪي ملون سرڪاري اعلانيل اگهه تي کنڊ نه ڏينديون يا ذخيرا اندوزي ڪنديون ته صوبائي حڪومتون اها کنڊ ضبط ڪري مارڪيٽ ۾ سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪنديون، ذريعن مطابق اجلاس ۾ گهرو معاملن جي وفاقي وزير کي افغانستان ۽ ٻين ملڪن سان ملندڙ سرحدن تي نظرداري وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جيئن اسمگلنگ واري عمل کي روڪي سگهجي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ سنڌ پاران ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 2 لک 40 هزار ۽ ٽي سي پي وٽ هڪ لک 40 هزار ٽن کنڊ موجود آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت 7 لک ٽن کنڊ موجود هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ذريعن موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڊسمبر تائين گهربل کنڊ موجودآهي، پر عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ واڌ سبب ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيرا اندوزي ڪري بحران پيدا ڪيو ويو آهي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پورٽس چارجز ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي، گوادر پورٽ جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي مستقلي ۽ نيب جي جاءِ تي ميثاق جمهوريت موجب احتساب جو بل قومي اسيمبلي ۾ جلدپيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مڪاني نظام آڪٽوبر تائين صدر جي اختيارن هيٺ هوندو، ان بعد اهو نظام پاڻمرادو صوبن جي اختيارن ۾ هليو ويندو، منهنجي اجازت کانسواءِ فون ٽيپ نه ٿا ڪري سگهجن، آئون جمهوري ۽ سياسي ڪارڪن آهيان، ان عمل کي برداشت نه ڪندس، نواز شريف اسان جو ڀاءُ آهي، ان کي منهنجي مشرف جي احتساب بابت ڏنل بيان مان ڏک پهتو آهي ته ان سان پاڻ ملي شڪايتون ختم ڪندس، مشرف جي احتساب بابت موقف ڏئي چڪو آهيان، وڌيڪ تبصرو نه ڪندس، بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ ڪاميٽي جي سفارشن تي عمل جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، رڳو اهو طئي ڪرڻو آهي ته اعلان جرڳي ۾ ڪجي، گڏيل اجلاس يا ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪجي، رينٽل پاور منصوبي بابت فيصل صالح حيات جي خدشن جو پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي، اهڙو اظهار هن ڪالهه پورٽس واري وزارت جي دوري بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن دوران وزيراعظم کي وزارت جي هلندڙ ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس دوران وزيراعظم بلوچستان سان واسطو رکندڙ صنعت ۽ پيداوار جي مملڪتي وزير آيت الله دراني کي به طلب ڪري ورتو، بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان گوادر پورٽ کي آپريشنل ڪرڻ لاءِ ڀاڻ ۽ ڪڻڪ اتي لهرائي ايم 8 روڊ کي مڪمل ڪرڻ واري ڪم کي به ڏسي رهيا آهيون، گوادر پورٽ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي مستقل ڪرڻ لاءِ سمري ملي آهي، انهن کي مستقل ڪيو ويندو. وزيراعظم بلدياتي نظام جي خاتمي جي صورت ۾ الطاف حسين جي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ واري ڏنل بيان واري سوال جو جواب ڏيندي چيو ته اها الطاف حسين جي ذاتي راءِ آهي، اسان هر ڪنهن جي راءِ جو احترام ڪريون ٿا، پر آڪٽوبر تائين بلدياتي نظام جو اختيار صدر وٽ آهي، ان بعد ان جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟، اسان قانوني حيثيت موجب هلي رهيا آهيون. هن جنرل مشرف جي خلاف ڪارروائي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ان تي آئون پنهنجو موقف ڏئي چڪو آهيان، وڌيڪ تبصرو نه ڪندس.

ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 18 لک ماڻهو بنا اجوري جي ڪم ڪن ٿا:وفاقي سرڪار


اسلام آباد (بيورو رپورٽ) محنت واري وفاقي وزارت ليبر سروي 08-2007ع ظاهر ڪندي چيو آهي ته ملڪ اندر 3 ڪروڙ 18 لک ماڻهو بنا اجوري جي ڪم ڪن ٿا، جن ۾ 87 لک 40 هزار عورتون آهن، خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ انگ اکر پيش ڪندي چيو ته 6 هزار ماهوار کان گهٽ آمدني وارا هڪ ڪروڙ 2 لک، 6 کان 9 هزار آمدني وارا 44 لک 40 هزار ورڪر ڪم ڪري رهيا آهن، زراعت جي شعبي ۾ 2 ڪروڙ 19 لک 20 هزار ورڪر ڪم ڪن ٿا، جن ۾ 75 لک 20 هزار عورتون آهن، وفاقي حڪومت جا 9 لک 50 هزار ملازم آهن، جن ۾ رڳو 60 هزار عورت ملازم ڪم ڪن ٿيون، ملڪ اندر بيروزگارن جي تعداد ۾ 06-2005ع جي ڀيٽ ۾ 08-2007ع دوران گهٽتائي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، بيروزگارن جو تعداد 31 لکن مان گهٽجي 26 لک 9 هزار تي پهچي ويو آهي، ٻئي نمبر وڏي آبادي واري صوبي سنڌ کان بيروزگارن جو تعداد سرحد صوبي ۾ وڌيڪ آهي.

ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 18 لک ماڻهو بنا اجوري جي ڪم ڪن ٿا:وفاقي سرڪار


اسلام آباد (بيورو رپورٽ) محنت واري وفاقي وزارت ليبر سروي 08-2007ع ظاهر ڪندي چيو آهي ته ملڪ اندر 3 ڪروڙ 18 لک ماڻهو بنا اجوري جي ڪم ڪن ٿا، جن ۾ 87 لک 40 هزار عورتون آهن، خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ انگ اکر پيش ڪندي چيو ته 6 هزار ماهوار کان گهٽ آمدني وارا هڪ ڪروڙ 2 لک، 6 کان 9 هزار آمدني وارا 44 لک 40 هزار ورڪر ڪم ڪري رهيا آهن، زراعت جي شعبي ۾ 2 ڪروڙ 19 لک 20 هزار ورڪر ڪم ڪن ٿا، جن ۾ 75 لک 20 هزار عورتون آهن، وفاقي حڪومت جا 9 لک 50 هزار ملازم آهن، جن ۾ رڳو 60 هزار عورت ملازم ڪم ڪن ٿيون، ملڪ اندر بيروزگارن جي تعداد ۾ 06-2005ع جي ڀيٽ ۾ 08-2007ع دوران گهٽتائي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، بيروزگارن جو تعداد 31 لکن مان گهٽجي 26 لک 9 هزار تي پهچي ويو آهي، ٻئي نمبر وڏي آبادي واري صوبي سنڌ کان بيروزگارن جو تعداد سرحد صوبي ۾ وڌيڪ آهي.

شڪايت پڙهندا

شڪايت پڙهندا

http://shikayatmarkaz4a.blogspot.com/

Dear All,

You can download Open Letter to Ms. Anita Ghulam Ali from

following link.


http://www.scribd.com/share/upload/14430413/20q403m31yb6gv3lvcvo

Don't Forget to send us your comments and opinions please.

Sincerely Yours'

Moosa

disocver_ngo@yahoo.com

سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن جي باني ۽ روح روان محترمه انيتا غلام علي جي نالي هڪ کليل خط

مان محترمه انيتا غلام علي جي خدمت ۾ چند گذارشون پيش ڪرڻ جي جسارت ڪيان ٿو.

مهنجي هن خط جو مخاطب صدر آصف علي زرداري کان وٺي محترم افتخارچوڌري، تعليم کاتي جي وزيرن ۽ مشيرن کان وٺي هائير ايجوڪيشن جي چئيرمين تائين تمام ڪامورا به آهن.

محترمه انيتا صاحبه، السلام عليڪم، سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن سنڌ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار کي هٿي ڏئي تعليم جي شرح ۾ واڌاري لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. ائين ته گهڻا ئ ڪم ۽ قدم سراهڻ جوڳاآهن پرسڀ کان سٺو ۽ سهڻو ڪم صوبي ۾ هڪ منظم نيٽ ورڪ ٺاهي هڪ قابل ٽيم جوڙي آهي جنهن صوبي ۾ تعليم جو ميعار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

محترمه انيتا صاحبه، هڪ سٺي ريپو ٽيشن ٺاهڻ ته آسان ڪم آهي پر انهي کي برقرار رکڻ ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ هڪ ٻيو ڏکيو ٽارگيٽ آهي. ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن جي ٽيم پهنجي پراڻي ريپو ٽيشن کي ڏسي هاڻي انهي روٽين ته لهي پئي آهي جيڪا سرڪاري ادارن جا آفيسر نوڪري ملڻ جي شروعات ۾ تي ڳهڻي ۽ عاليشان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا آهن پر پوءِ نظام جو حصو بڻجي پاڻي ۾ جهڳ وانگر ويهه رهندا آهن. سو سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن جي انتظاميه پراڻي ڪاميابين جي آڌار تي غير ذمه داري ۽ پهنجي معيارکان ڪريل ڪمن کان پاسو ڪري پهنجي حقيقي ذمه داري جو احساس ڪن.

سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن ۾ گڊ گورننس لاءِ جوڙيل مانيٽرنگ ۽ ايوالويشن کاتي کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي.۽ هن کاتي ۾ ڪنهن مخلص ۽ تجربيڪار پروفيشنل کي رکيو وڃي جيڪو رڳو سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن جي پراجيڪٽس جي مانيٽرنگ ئ نا ڪري پرهلندڙ پراجيڪٽس ۾ وصول ٿيل شڪايتن جي به غير جاندار انڪوائري ڪري ۽ ڪنهن به قسم جي شڪايت جي گهڻ رخي جاچ ڪئي وڃي.

هاڻي چند دوستن شڪايت ڪئي آهي ته پرائيويٽ پبلڪ پارٽنر شپ پروگرام هيٺ هلندڙ ويريفڪيشن سروي ۾ پرائيويٽ فرمز کي ويريفڪيشن سروي جو ڪم ڏنو ويو هو. جنهن ۾ انهن فرمن تي مختلف هندن تي مختلف الزام هنيا ويا. مان پاڻ سانگهڙ ضلعي ۾ هڪ پرائيويٽ سروي فرم جو حصو هئيس ء وچ اڌ ۾ سروي کان الگ تي وئيس. ڇو جو مان پنجي شفاف ڪيرئير ۾ ڪو ڪارو داغ لڳائڻ پسند نه ڪيو. انهن فرمن تي هيٺيان الزام لڳايا ويا آهن.گهربل قابليت واريون ٽيمون جوڙڻ بجاءِ گهٽ قابليت وارا ڇوڪرا وڌيڪ ڪواليفڪيشن ڏيکاري ڪم ڪڊهڻ، اثرائتي سپروزن جو نا هجڻ، ڪرپشن ڪرڻ، پئسا ڏئي سروي جي نتيجن ۾ ردو بدل ڪرڻ، کلي سر اپليڪنٽس کان تحفه تحائيف وٺڻ.

مونکي ڪئي دوستن ڌهمڪيون ڏنيون ۽ چيئون ته اسان تو کي ڏسي رهندا سون. منجي سالي ۽ ڀيڻئوئي پاران موکي جان کان مارڻ جي دهمڪي ڏني وئي. پر مهنجو يقين آهي ته

“Now or Never”

سو محترمه انيتا صاحبه مهرباني ڪري هن خط جو فوري نوٽس وٺو ۽ رڳو انهن فرمن جا رزلٽ ئ ڪينسل نا ڪيو بلڪه انهن الزامن جي ثابت ٿئيڻ جي صورت ۾ انهن فرمن کي آئنده ڪنهن ڪم لاءِ بليڪ لسٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيو ۽ اهو به ضروري آهي ته انهن ماڻهن کي به پڌرو ڪيو وڃي جيڪي انهن فرمن جي رجسٽريشن ۽ انهن کي ويريفڪيشن سروي جوٺيڪو ڏئيڻ ۾ ملوث آهن.

مون ملڪ جي مختلف حصن ۽ ادارن ۾ ڪرپشن ڏٺي آهي ۽ پهنجي زندگي ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ۾ گذاري آهي. هن قسم جي ڪرپشن کي اڪثر دوست ڪرپشن تصور نٿا ڪن. پر ياد رکيو وڄي تي ڪرپشن ڪک جي وجي يا لک جي ڪرپشن آخر ڪار ڪرپشن ئ آي. اسان کي هڪ ڏينهن تي ڪرپشن کي هڪ سماجي برائي تسليم ڪندي هن جي خلاف جدوجهد ڪرڻي آهي تو پوءِ هاڻي ڇو نا؟

مونکي يقين آهي ته مهنجو هي خط ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪندڙ دوستن لاءِ اتساه جو ڪارڻ ٿئيندو. انشاء الله.۽ بدعنواني جي خلاف سنڌ جا نوجوان، سول سوسائٽي جا فرد ۽ تمام باشعور افراد گڏجي آواز اٿاريندا ۽ انهن تمام بدعنوان افراد ۽ ادارن کي نروار ڪندا جيڪي پهنجي مفاد لاءِ خود غرضي جون سموريون لڪيرون لتاڙي سنڌ جي غريب، مظلوم ۽ پهرئين کا ڏنگئيل عوام کي وڌيڪ ڪو ڌڪ هڻڻ جي لاءِ سازشون پيا ڪن.

محمد موسى سومرو

ڪشمور

Followers

Video Post