بهتر انتظام ۽ ڪرپشن جو خاتمو

Posted by Muhammad Musa Soomro Saturday, August 8, 2009



بهتر انتظام

۽

ڪرپشن جو خاتمو


ايشيائ ترقياتي بئنڪ جي هڪ اهم پاليسي پبليڪيشن جو ترجمو


محمد موسى سومرو


باني ۽ آرگنائزر؛ ترقياتي ادارو براءِ سماجي ضابطه، سماجي نظم، سماجي نگهداري، سماجي تعليم ۽ سماجي تحقيق

E-mail:discover_ngo@yahoo.com


ايشيائ ترقياتي بئنڪ هن حقيقت


جو ادراڪ رکي تو ته


غربت جي خاتمي لاءِ


رٿيل جدوجهد


ڪرپشن جي خلاف


ڪاوشن سان جڙيل آهي




ايشيائ ترقياتي بئنڪ پاران ڪرپشن جي وڌندڙ خطرات کي ڏسندي هڪ اينٽي ڪرپشن پاليسي جوڙي وئي آهي. هي پاليسي جولاءِ 1998۾ منظور ڪئي وئي هئي.جنهن مطابق ڪرپشن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو.ڪرپشن ۾ شامل آهن بد عنواني ، فراڊ، جعلسازي ۽ زور، زبردستي جي عمل سان ٿيل ڊيلنگس شامل آهن.

هن پاليسي ۾ هو تمام ڪمپنيون ۽ افراد شامل آهن جيڪي ايشيائ ترقياتي بئنڪ جي مالي سهڪار سان هلندڙ پراجيڪٽ ۾ شامل هوندا. هن ۾ ايشيائ ترقياتي بئنڪ جو سمورو اسٽاف، ۽ سمورا پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر آپريشن

به شامل آهن.

هن پاليسي جا مکيه نقطه هن ريت آهن.

1. مقابلي جو رجحان رکندڙ مارڪيٽ، قابليت رکندڙ، اثرانداز ٿئيڻ وارو، احتساب جي قابل ۽ شفاف عوامي انتظام کي سپورٽ ڪيو ويندو.

2. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ حقيقي ۽ ڪيس ٽو ڪيس بنيادن تي ڪيل ڪوششن کي سپورٽ ڪيو ويندو. ۽ ايشيائ ترقياتي بئنڪ جي پهنجي ترقي پذير ممبر ملڪن DMCs سان گورننس جي مختلف معاملن ، جنهن ۾ ڪرپشن به شامل آهي، تي ڊائيلاگ کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو.

3. هن کي يقيني بڻايو ويندو ايشيائ ترقياتي بئنڪ جا پراجيڪٽ ۽ اسٽاف بوترين اخلاقي ميعار تي ڪم ڪري.

گڊ گورننس. بهتر انتظام.

1995۾ ايشيائ ترقياتي بئنڪ دنيا جو پهريون گهڻ رخي بنڪ بڻجي ويو جنهن پنجي آپريشنز جي لاءِ گورننس پاليسي جاري ڪئي. هن تسليم ڪيو ته ترقياتي عمل ايهڙي ماحول ۾ وڌيڪ ۽ تسلس سان ڪامياب تئيندو آهي جٿي فيصله سازي شفاف آهي، سرڪاري ڪامورن ۾ احتساب جو عمل هلندڙ آهي ۽ شراڪت دارن جو فيصله سازي ۾ عمل دخل آهي.



(Continued)


0 comments

Post a Comment

Followers

Video Post